کپرو ٻيلو
آبهوا جي تبديلي، ڪرپشن، قبضا ۽ تباهي ڪناري پهتل
نواز ڪنڀر
سڄي دنيا بدليل آبهوا جي ڪري ماحولياتي تبديلين جي ور چڙهيل آهي. جتي
ڪٿي ماحول بابت هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي پر اسان وٽ سسٽم ئي ابتو آهي. دنيا سڄي
ٻيلن کي بچائڻ ۽ وڌائڻ ۾ رڌل آهي پر اسان ٻيلن جو، ٻيڙو ٻوڙڻ، انهن تي قبضا ڪري ۽
ڪيٽيون ٺاهڻ ۾ پورا آهيون. سڄي سنڌ ۾ جتي هر طرح جي لٽ مار جو بازار گرم آهي، اتي
ٻيلا به ان کان آجا ناهن رهيا. سرڪاري ۽ پرايو مال ڦٻائڻ تي هريل اکين ۾ ٻيلا،
ڪنڊو بڻجي پيا آهن.اهڙن ٻيلن ۾ سانگهڙ
ضلعي جوکپري وارو قديم، تاريخي، مشهور ۽ منفرد ٻيلو به شامل آهي. جيڪو هن وقت
يوڪلپٽس جي حوالي سان ملڪ جو سڀ کان وڏو نه، ته به وڏن ٻيلن منجهان هڪ ضرور آهي.