Tuesday, July 23, 2013

شڪاري ڀيل - نواز ڪنڀر

شڪاري ڀيل
ڀٽائيءَ جي بيتن تي نڪاح پڙهائيندڙ لادين قبيلو
نواز ڪنڀر
سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ ڪيترا ئي اهڙا قبيلا ۽ ذاتيون رهن ٿيون، جيڪي پنهنجي اُٿڻي ويهڻي، عادتن، مزاج يا ڪرت وغيره جي حوالي سان منفرد هجڻ جي ڪري مشهور آهن. اهڙن ئي قبيلن مان هڪ قبيلو/ ذات تعلقي کپري ۾، اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي به آباد آهي، جيڪو ڪيترن ئي حوالن کان منفرد آهي. پنهنجو پاڻ کي ’شڪاري ڀيل‘ سڏائيندڙ هن قبيلي کي هندن جي اڪثريت وڏو گوشت کائڻ، ماساتن، ڦڦاٽن، ماروٽن وغيره سان شادي ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين سبب هندو نه ٿي سمجهي. هن قبيلي جا ڪي ڪي ماڻهو رمضان ۾، ڪڏهن ڪڏهن روزو به رکن ٿا. محرم جي ڏهي ۾ شادي ۽ خوشي وغيره ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. مردو دفنائين، هندن وانگر شاديءَ ۾ چونئري ڪرڻ بجاءِ، مسلمانن کان نڪاح پڙهائين ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، مسلمان مولوي، هنن جي نڪاح ۾ رڳو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جا بيت پڙهي، دعا گهريو ڇڏين. هي ڪوشش ڪري مسلمانن کان ذبح ڪرائين، نالا زالين مڙسين، مسلمانن وارا رکن پر واضح طرح ڪنهن به مذهب ۽ فرقي کان پري رهن. ناري جي پرين ڪنڌيءَ رهندڙ هي ماڻهو، پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي اڪثريت واري علائقي ۾، انهن جي صحبت يا اثر هيٺ رهڻ سبب، گهرن ۾ پير صاحب جا فوٽو ضرور لڳائين ٿا.

Friday, July 19, 2013

نٽ راج ڪبوترا قبيلي جي رهڻي ڪهڻي - خالد ڪنڀار

نٽ راج ڪبوترا قبيلي جي رهڻي ڪهڻي
خالد ڪنڀار
ڪبوترين جي ڪام جيئن ورندڙ بدن هنن جي قبيلي جو نالو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، نه ته هي نٽ راج آهن، چون ٿا ته نٽ ويڌ به آهي، نٽ جي معنيٰ ئي ناچ آهي. بانس واري راند هن قبيلي جي سڃاڻپ آهي. انهيءَ ئي بانس واري راند جي پُٺيان هنن تي ڪبوترا نالو پيو آهي. انهيءَ راند ۾ ڇا هوندو هو جو وِچَ ۾ بانس کوڙيو ويندو هو، انهيءَ ئي بانس کي چار رَسن سان ڪلا کوڙي چئن ڪنڊن تي ٻڌو ويندو هو، پوءِ انهيءَ ڪلي سان ٻڌل رسيءَ تان ڪبوتري چڙهي بانس ڏانهن ويندي هئي، بانس تي پيرن سان هلندڙ ڪبوتري، جڏهن وچ تي پهچندي هئي، تڏهن هيٺيان بيٺل ڪبوترو رسيءَ کي لوڏو ڏيندو هو. انهيءَ لوڏي اچڻ سان ئي ڪبوتري وڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجا ٻئي پير رسيءَ ۾ اٽڪائي ڇڏيندي هئي. پوءِ انهيءَ رسيءَ ۾ پيرن جي مدد سان پئي لُڏندي هئي. انهيءَ رسيءَ تان هلندي هلندي وڃي بانس جي چوٽيءَ تي پهچندي هئي. انهيءَ بانس جي چوٽيءَ تي وري هڪڙو ڪاٺَ مان ٺهيل چرکو هوندو هو، انهيءَ  چرکي تي ڪبوتري سمهي رهندي هئي....ائين ئي نٽ راج مان ڦِري هي ڪبوترا ٿيا.