Monday, August 12, 2013

وڻجارا وڃڻ جون وايون ڪن - شبير سومرو

وڻجارا وڃڻ جون وايون ڪن
شبير سومرو
”اي هي اميتاڀ! ماهري ڇوري ڪون تڪيو ئي؟ لڏي ناڪم ڪرڻ هائي، سورج باشا ساٿ سفر سڦل هووي نا، ڀائران ڪون ڀاء بڻ ڪي نڪلنا هو وي! او ٻچا! او ڪون تڪ آ.“
”هو، هو مائي! دل جاءِ ڪرو... مان ڇوري ئي خبرچار چڱي طريون ڪرون هون.“
۽ اميتاڀ پنهجي سائيڪل تي ويهي پيڊل هڻندو ته ”فٽ.. ٽ.. ٽ..ٽ... ڦٽ ٽ....“ جي بي سُري آواز سان موٽر اسٽارٽ ٿي ۽ اڳتي وڌڻ لڳندي، اميتاڀ هاڻي پيڊل هڻڻ جي بدران وڏي اسٽائل سان ٻئي پير هوا ۾ جهومائڻ لڳندو، هن جي سائيڪل پراڻي جنريٽر جي زور تي پاڻ ئي اڳتي وڏندي وڃي ٿي. ٻار تاڙيون وڄائيندا وڃن ٿا ۽ وڏا سرپرستي واري انداز ۾ هائوڪار ۾ منڍي لوڏي پنهنجي Multi-Talented ڇوري کي داد ڏيڻ لڳن ٿا، جنهن ڪائي به ٽيڪنيڪل ٽريننگ، روايتي تعليم ۽ انجنيئرنگ جي قابليت ورتي بنا ڪٻاڙيءَ کان ٻه سؤ ۾ ورتل سائيڪل ۾ پاڻ ئي پراڻي مشين لڳائي، سائيڪل مان ان کي موٽر سائيڪل ٺاهي ورتو آهي، جنهن کي ان وڻجارا ڪميونٽي وارا ”اميتاڀ جي ڦٽڦٽي“ چون ٿا.

Wednesday, August 7, 2013

ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ڳورپٽ ڳري - امر لغاري

ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ڳورپٽ ڳري!
امر لغاري
ايترو گھڻو وقت به نه گذريو آهي جو کڻي چئجي ته سنڌ جي ماڻهن مان هاڻ پکين ۽ جانورن جي سڃاڻپ نڪري وئي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اڄ جا ذري گھٽ ناياب ٿيل جانور، جهڙوڪ بگھڙ، چراخ ۽ ڳورپٽون سنڌ جي زرعي ميدانن جا چڪر ڪاٽينديون رهيون آهن. جانورن جي نالن مان ئي پڌرو آهي ته مٿن اهڙا نالا به مقامي (سنڌي) ماڻهن رکيا هئا، ڇو ته ماڻهو انهن جانورن جي شڪلين، عادتن ۽ خصلتن کان ڀلي ڀت واقف هئا. پر سنڌ جو اڄوڪو نسل ان معاملي ۾ گھڻو پوئتي رهجي ويو آهي. ميار اڄ جي ماڻهن تي ناهي، پر ميار انهن وڏڙن تي آهي، جن پنهنجو تهذيبي ورثو نئين نسل کي منتقل نه ڪيو. ميار انهن محققن ڏانهن به آهي، جن جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جي علم کي ڪو علم ئي نه سمجھيو. نتيجي ۾ اڄ جڏهن ماڻهن جي آباديءَ کان پري رهندڙ ڪو جانور اچانڪ زرعي توڙي نيم زرعي آبادين ۾ بک يا ڪنهن ٻئي سبب ڪهي ٿو اچي ته خلق ۾ ٽاڪوڙو مچي ٿو وڃي. بلا، سائين، بلا! بلا، ڀائو، بلا! پوءِ بلا کانسواءِ ماڻهن جي زبان تي ڪو ٻيو لفظ ئي نٿو چڙهي! اڄ به پاڪستان کان اڳ جا جھونا ويٺا آهن، جن اهي جانور پنهنجين اکين سان ڏٺا هوندا، ماڻهو انهن کان به پڇڻ جي زحمت گوارا نٿا ڪن.
سنڌ ۾، سانوڻيءَ جي موسم ۾ ٻه ٽي جانور هر سال مارجن ٿا. مارجن ٿا پر وڏين ونگارن سان. ايتري قدر جو ننڍڙا ننڍڙا جانور جيڪي ڪيڙيون ماڪوڙا کائيندڙ آهن اهي به ٽريڪٽرن سان چٿاڙي ماريا وڃن ٿا، جن جي رڳو دوناڙ تي لٺ هڻجي ته به ٻه ڦيراٽيون کائي مري پوَن. توهان سمجھي ويا هوندا ته اهڙو هڪ جانور ڇلومرون آهي، لاڙ واري پاسي ٿئي ٿو، ۽ هر سال هڪ نه ٻه مارجن ٿا (اهڙا ڪجھه ڪِلپ يو ٽيوب تي به رکيل آهن).

Tuesday, August 6, 2013

ھڪ مختلف لوَ افيئر جي پڄاڻي - امر لغاري

ھڪ مختلف لوَ افيئر جي پڄاڻي
امر لغاري
سنڌ جي فطري حسن سان پيار ڪندڙ مون سميت ڪيترن ئي دوستن لاءِ اها خبر نهايت ئي ڏک جوڳي آهي ته ننڍي کنڊ ۾ پکين ۽ جانورن جي علم جي حوالي سان نهايت ئي معتبر نالو ٽام رابرٽس المعروف ٽي جي رابرٽس (ٽامس جونز رابرٽس) ويجھڙائيءَ ۾ (۵ جون ۲۰۱۳ تي) پنهنجن چاهيندڙن، پکين، پوپٽن، جانورن، ٻوٽن، ۽ توهان اسان سڀني کان پري هليو ويو آهي. پاڪستان ۾ اها خبر الائي ڇو دير سان پهتي، جنهنڪري اخبارن ۾ به دير سان ڇپي آهي.

Monday, August 5, 2013

گرگلا - خالد ڪنڀار

گرگلا
سنڌ جا بي گهر ماڻهو
خالد ڪنڀار
هي جيڪي جتان ڪٿان پيا تڙجن، رلن، ڌڪا کائن ۽ دربدريون ڪن انهن رول قبيلن کي پاڻ واري پڙهيل لکيل سنگت چوي ٿي. اهي آهن جپسي هاڻ انهن رول جپسين جي جُهڳين ۾ وڃي ڪير؟ هنن جي اندر جا حال وٺي ته اهي رول پنهنجي لاءِ پاڻ ڇا ٿا چون. انهن رول جپسين جي جهڳين ۾ ڪو ٽشو پيپر شهري صحافي ته ٻه منٽ ويهي به ڪونه سگهندو. پر جيڪڏهن ڪو هنن جهڙو ئي رول هوندو ته هنن جي ڏکندي رڳ تي هٿ رکي درد جو دم پيو ڀريندو. هنن رول جپسي قبيلن کي رول دربدر ۽ ڌڪا کائيندڙ بنائڻ ۾ وقت ۽ حالت سان گڏ ڪجھ هٿ هنن جي هٺ جو به آهي. ڪجهــ هٿ وري آرٽ جي بي قدري جو به آهي. انهن جپسين سان جي ويهندا ته اهي پنهنجو بڻ بڻياد اتان دليلن سان شروع ڪندا جتان جو اوهين سوچي ئي نٿا سگهو. چوندا اسين راجپوت آهيون. هاڻ جي اوهين هن وقت سنڌ وطن ۾ رهندڙ راجپوتن کي ڏسندا ته هي اوهان کي راجپوت ڪونه لکندا. پر انهي لاءِ هنن وٽ پنهنجا دليل آهن.

ڀيل - خالد ڪنڀار

ڀيل
جن ٿر جي سياست جا رخ تبديل ڪري ڇڏيا
خالد ڪنڀار
ٿر ۾ ڏکي ذات آهي ڀيل ۽ ڀيل واڙو ڀيلن جو اصل وطن به آهي ٿر ۾. هي جيڪي بئراج ۾ هارپو پيا ڪن انهن کان به جيڪڏهن ٿوري دير ويهي پڇندا ته ڪو ڀيل هوندو نارو جي تڙ جو ته ڪو ڦوٽي جي تڙ جو، ڪو وي ڀيل جو ته وري ڪو ڪٿي جو. اهي ڀيل آهن به پوري ٿر ۾. پوري ٿر ۾ ۽ ٺڪرن کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن هندو جي ٿر ۾ زمينداري آهي ته اها آهي ڀيلن جي. سندا پنهنجا راڄ ۽ پنهنجا تڙ آهن. ڪي اهو به چون ٿا ته اهي اڇوت آهن پر اوهانک ي اهي ڪٿان به اڇوت ڪو نه لڳندا. ڪٿان نه ۽ تيز ۽ ڪامن سينس ۾ اهڙا آهن جو چئي دنگ ڪر. اهڙو اوهان کي ڪو اقليت وارو ته ٺهيو پر ڪو مسلم به ڪو نه ملندو، وڏا تيز آهن. هنن جو جيترو دماغ ٿو ڪم ڪري ايترا وري حاضر دماغ آهن. محنتي ۽ جسي ۾ سگها آهن. هن خود اعتماد قبيلي کي ڏسي اوهان هنن جي اڻسارن مان اهو چئي سگهو ٿا ته هي ئي دراوڙ آهن. انهن ڀيلن جي ڏڪارن ۾ گهڻي لڏپلاڻ سنڌ ڏانهن ٿئي ٿي. گهڻو لڏي ئي ڀيل ٿو. چون ٿا؛ جيڪي قبلا گهڻي لڏپلاڻ ڪندا آهن، اهي وڌيڪ ذهين سمجهدار ۽ ترقي ڪندڙ هجن ٿا. هن قبيلي ۾ لڏ پلاڻ سان گهڻي ترقي ته ڪونهي آئي، باقي سمجهدار وڌي آهي. انهيءَ ڀيل قبيلي جا وري جيڪڏهن ڪو سرڪاري نوڪري ۾ ماڻهو آهي ته آهي پوليس ۾ جمعدار، صوبيدار ۽ سپاهي. چون ٿا ته؛ ڀيل ڪرشن ڀڳوان جا سپاهي آهن. هڪڙو خيال اهو به آهي؛ ڀيل ٿر ۾ ٺڪرن جا وفادار سپاهي ٿي رهيا، انهي ڪري هنن ۾ اهو ٺڪرن وارو هٺ آهي. سڌي ڳالهه هي ته ٿر وارين اقليتن جا ٻروچ آهن. هنن ڀيلن نڪو ايڪهتر ۾ لڏپلاڻ ڪئي، نڪو ستيتاليهه ۾، نڪو وري جيستائين تند لڳل نه هئي اوستائين، ڪو لڪ چوري ويا بس. هنن هي ٿر جون سيمون ڇڏڻ جو سوچيو ئي ڪو نه. ڀيل اهڙو قبيلو آهي ٿر ۾ جنهن تي هرو ڀرو تڪڙ ڪري نڪو مسلمان چڙهت ڪري نڪو وري ٺڪر يا ٻيو ڪو ڏاڍو قبيلو. ٿر ۾ هنن جا وڏا راڄ آهن. بس هي بئراج جا شوقين هجڻ جي ڪري هنن جا ڪيترا ئي خاندان دربدر ٿي ويا. وڃي بئراج ۾ وڏيرن وٽ رليا پر وري اتي به انهن ۾ اهي جينس رهيا. هي جيڪي لهڻيون اوهين نجن جيلن مان ڀڳل هاري ڏسو ٿا، اهي ڀيل هوندا. گهڻو انگ ڀيلن جو هوندو. وڏو باغي قبيلو به آهي. پنهنجي تي اچي ته ڪنهن جو به ڪونهي. انهن ڀيلن جا مٺي تعلقي ۾ گهڻا ڳوٺ آهن. انهن ڀيلن ڪرشن ڀيل کي ايم اين اي ڪيو. پر اهو ڪرشن ڀيل جيئن ايم اين اي ٿي ڀڳو ته وري واپس ڪو نه وريو، وڃي ميرپور وسائي ويهي رهيو، نه ته اڳي مٺي ۾ وڪالت ڪندو هو. پونجي مل وڃي ايم ڪيو ايم جي ڀر جهلي. ڪنهن وقت جو وڏو قومپرست هو. انهي جي ايم ڪيو ايم ۾ وڃڻ جي ڪري هن قبيلي جا ڪيترا ئي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ وڃي شامل ٿيا پر انهي ۾ ٿريا ڀيل نه هجڻ جي برابر آهن. بئراج ۾ هارپو ڪندڙ گهمن جهڙن ڀيلن انهي ۾ پناه ورتي. هڪڙي وري ٻي ڳالھ ته بئراج ۾ رهندڙ ڀيلن مان گهڻن عطائي ڊاڪٽري ڪئي. اهي ڀيل هيستائين ڪرشن ڀيل کانسواءِ نه ڪنهن اميدوار کي چونڊرائي سگهيا آهن، نه وري گهڻو پڙهي سگهيا آهن. ڀيلڻيون عورتون به مردن وانگر ئي آهن. هن قبيلي ۾ اهي بيماريون ناهن جيڪي ٻين پيڙهيل ۽ پٺتي پيل قبيلن ۾ هونديون آهن. هي نه ڪولهين وانگر ٺرو ڪڍن ۽ وڪڻن، نه وري هن قبيلي ۾ ٻي ڪا برائي آهي. جيئن نه هنن جي ڳوٺ ۾ وڏيرو، ڏيرو ڏئي ٺرو پي ويھي. هن قبيلي جون عورتون ٻين هندو قبيلن کان گهٽ مسلمان ٿيون هونديون، پريمي جوڙو ٿي. پر هڪڙي ڳالھ آهي هن قبيلي جا ايڪڙ ٻيڪڙ مرد مسلمان ٿي شيخ ۽ ماڇي ٿيندا رهن ٿا پر اهي به انگ اکر گهٽ آهي. بئراج ۾ اهو سمورو ووٽ وڏيري جو آهي جيڪو گهڻو ڪري هر اليڪشن ۾ ڪنهن نئين پولنگ اسٽيشن تي داخل ٿئي ٿو.