Friday, November 15, 2013

سنڌ ۾ ٻٻر جي اهميت - جيئل اوڏ

سنڌ ۾ ٻٻر جي اهميت

جيئل اوڏ


هن مضمون جي لکڻ جو مقصد، تحقيق ذريعي ۽ طبي ڪتابن جي حوالن سان اڀياس ڪري، سنڌ ۾ ڪثرت سان پيدا ٿيندڙ وڻ ٻٻر جي اهيمت ۽ اُن جي اٽڪل گڻن کي ظاهر ڪري عوام آڏو پيش ڪرڻ آهي، ته جيئن هو ان مان ضرورت آهر فائدو وٺن.



هن وڻ کي سنڌي ۾ ٻٻر، انگريزيءَ ۾ Acacia- Arabica عربي ۾ ام غيلان، فارسيءَ ۾ مغيل، هنديءَ ۾ ببول، ڪيڪر ۽ سمر چيو وڃي ٿو. هي وڻ، سنڌ جي سخت زمين ۾ اُڀري ٿو. سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هن جا گهاٽا ٻيلا آهن. ان کان علاوه ڳوٺن ۾، ٻنين ٻارن ۽ واهن جي ڪپرن تي هي وڻ جام نظر ايندو.
ٻٻر جا پن تمام ننڍڙا ٿين، جنهن کي ٻونگر به چيو وڃي ٿو. هن جي ٽارين ۾ ٻه اڍائي انچ ڊگها اڇي رنگ جا تکا ڪنڊا ٿيندا آهن (جن مان ڪڏهن ڪڏهن پيپر پن جو ڪم ورتو ويندو آهي) انهيءَ ئي ڪري عام طرح ٻهراڙين ۾ ٻٻرن جون ٽاريون ڪٽي، گهرن جي ٻاهران بچاءَ لاءِ ۽ مال جي واڙن لاءِ وڏا وڏا لوڙها ڏنا ويندا آهن.
سڪل ننڍڙيءَ ٽاريءَ کي ڍنگهري ۽ وڏيءَ کي ڍنگھر چيو ويندو آهي. مگر معلوم هجي ته هي اصطلاح هر ڪنڊي داري وڻ جي ٽاريءَ لاءِ استعمال ٿيندو آھي، جنھن ۾ ٻٻر، ڪنڊي ۽ ڪرڙ جو وڻ اچي وڃن ٿا. گلن جي مند ۾، هن ۾ پيلا گل ٿين ۽ پوءِ وري ڦريون ٿين، جن کي پلڙا چيو ويندو آهي. اُهي ڦريون تقريباً اڌ فوٽ ڊگهيون ٿين. پلڙن جي رس ڪپڙن رڱڻ جي ڪم آڻبي آھي.
سير ڪوهستان ۾ محترم الھ بچايو يار محمد سمون، ڪوهستاني ماڻهن جي ڪپڙن رڱڻ جو طريقو هن طرح بيان ڪيو آهي ته؛ ”ٻٻر جا پلڙا ڪٽي، ٿانو ۾ وجهي باھ تي رکن، جڏهن پاڻي جوش ۾ اچي، تڏهن وجهن منجهس لٽا، ٿوريءَ دير ۾ لٽا رڱجي ڪارا ٿي پوندا، اڃا به جي ڦٽڪيءَ چٽ ڏنائون ته رنگ هيڪاري پڪو.“
پلڙن ۾ سخت داڻا يا ٻج ٿئي ان کي چيچڪا چئبو آهي. ٻٻر جا پن ۽ پلڙا، ٻڪريون ۽ اُٺ مزي سان کائيندا آهن. هن جي ڇانوَ سٺي ٿيندي آهي. گرمين جي مند ۾، ماڻهو ۽ مال، هن جي هيٺان آرام ڪندا آهن. هن مان کونئر ۽ لاک نڪري ٿي. هن جا ڇوڏا چمڙي رڱڻ ۽ ديسي شراب ٺاهڻ ۾ ڪم ايندا آھن.
هن جي ڪاٺي سخت، مضبوط ۽ جٽادار ٿيندي آهي. هن جي ٿلهن ٿڙن کي چيري، نڪتل ڪاٺ مان تختا، دريون، ڪرسيون، ميزون، جاين جون ڪامون، پٽيون، پينگها، کٽن جا پاوا، ايسون (ٻانهون)، اُپرا (سيرون)، ڪٻٽ، صندل ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. هاري ان مان هر، پاڃاريون، ڏورڻا، گاڏا، گاڏيون ۽ سرايون وغيره ٺهرائيندا آهن. ان کان علاوه ٻٻر جي وڻ مان جلائو ڪاٺ به ملي ٿو. هن وڻ جي اوچائي عموماً ۶۰ کان ۸۰ فوٽ ٿئي ٿي.
پروفيسر ماڻڪ پٿا والا پنهنجي ڪتاب اي فزيڪل اينڊ اڪنامڪ جاگرافي آف سنڌ ۾ ٻٻر لاءِ هن طرح بيان ڪيو آهي:
Good fuel, timber and ship Building – very tough and heavy wood, staple tree for Lower Sind
سنڌ گذيٽير ۾ به ڊاڪٽر ايڇ- ٽي سورلي ٻٻر جي تعريف هن ريت ڪئي آهي.
It yields an excellent timber used extensively for wheels, agricultural implements, building purpose and fuel, a gum which is only slightly inferior to true gum-arabic: an astringent brat which is used for dyeing and tanning and soda affording an excellent food for cattle of all kinds.
مٿي ذڪر ڪيل قيمتي فائدن کان علاوه به ٻٻر جو وڻ ڪيترن موذي مرضن ۾ ڪم اچي ٿو، جنهن جي عام ماڻهوءَ کي بلڪل ڄاڻ ڪانهي، ۽ اسين اکيون ٻوٽي بند ٿيل انگريزي دوائون استعمال ڪريون ٿا، حالانڪ ڪيترن مرضن جو علاج ديسي جڙين ٻوٽين جي صورت ۾ اسان جي گهرن ۾ موجود آهي، ليڪن اسان انهن جي طبي گُڻن کان ناواقف هوندي، انهن مان پورو فائدو نه ٿا وٺون.
طبي طور ٻٻر مان هيٺيان فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا:

(۱) ڏندن جون بيماريون:

ڏندن جي لڏڻ لاءِ ٻٻر جو ڇوڏو ڪُٽي، ڪپڙ-ڇاڻ ڪري، لوڻ ملائي، ڏندن تي مهٽجي ۽ ٻٻر جو ڏندڻ کل سوڌو ڪجي ته ڏند مضبوط ٿيندا.

(۲) مهارن مان رت وهڻ:

ٻٻر جو ڇوڏو پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، ڦِٽڪي ملائي گرڙيون ڪجن.

(۳) وات پچي پوڻ:

ٻٻر جو ڇوڏو پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، ليمي جي رس يا ڦڪٽي ملائي گرڙيون ڪجن.

(۴) جهوني کنگھ:

مٺي ڪاٺي، ڪارا مرچ ۽ ٻٻر جو کونئر هم وزن ڪٽي، ماکي ملائي، گوريون ٺاهي رکجن، ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پاڻيءَ سان هڪ هڪ گوري وٺجي.

(۵) رت  جا دست:

ٻٻر جا پن هڪ تولو، ٿاڌل وانگر گهوٽي، مصري ملائي پيئجي ته هر قسم جا رت جا دست اچڻ بند ٿي ويندا.

(۶) پيچش:

ٻٻر جو کونئر اڌ تولو ڪڻڪ جي اٽي ۾ ڳوهي، ڦلڪو پچائي کائجي.

(۷) ڪاڪڙو ڪرڻ:

ٻٻر جي کل هڪ تولو ڪاڙهي، ان سان غرارا ڪجن.

(۸) پيشاب بند ٿي وڃڻ:

ٻٻر جا پن ۽ قلمي شورو ۳-۳ ماسا گهوٽي پيئڻ سان، پيشاب خلاصو ايندو.

(۹) مٺا پيشاب:

ٻٻر جو کونئر سچي گيھ ۾ ڀُڃي، صبح ۽ شام جو هڪ هڪ رتي پاڻيءَ سان وٺجي.

(۱۰) ناسور:

ٻٻر جو کونئر، سُرڪي ۾ گهوٽي، پهو ٺاهي، زخم تي ٻڌي ڇڏجي.

(۱۱) بواسير:

ٻٻر جون ڦريون سڪائي، ڪٽي ڇاڻي پاڻيءَ سان ۳ ماسه هڪ دفعو ڏينهن ۾ ڦڪجي.

(۱۲) ڪامڻ/ سائي:

ٻٻر جون ڦريون ڇانوَ ۾ سڪائي، ڪٽي، ڇاڻي، هم وزن مصري ملائي، پاڻيءَ سان ۳ دفعا روزانه ڦڪجي.

(۱۳) ڏڍ:

ٻٻر جا گل سُرڪي ۾ گهوٽي ليپ ڪجي.

(۱۴) باھ جو سرڻ:

ڪو به عضوو باھ ۾ سڙي پوي ته ٻٻر جو کونئر، پاڻيءَ ۾ ڳاري ليپ ڪجي.

(۱۵) وڇونءَ جو ڏنگ:

ٻٻر جا پن وات ۾ چٻاڙي، ڪنن ۾ زور سان ڦوڪون ڏجن ۽ چٻاڙيل پن، ڏنگ واري هنڌ تي ليپ ڪجن، ته زهر لهي ويندو.

(۱۶) مردانه مرض (جريان):

ٻٻر جا پن ڇانوَ ۾ سڪائي، ڪُٽي ڪپڙ-ڇاڻ ڪري، هم وزن مصري ملائي، هڪ تولو کير يا پاڻيءَ سان ڦڪجي ته فائدو ٿيندو.
يا ٻٻر جي اندرين نرم کل، ٻٻر جو کونئر، ٻٻر جا ڪچا پاپڙا، ٻٻر جا گل، ٻٻر جي گونچن جا نرم پن، اهي سڀ شيون ڇانو ۾ سڪائي، ڪٽي، هم وزن کنڊ ملائي، تِري ڀَري، روز صبح جو ڳائي ڪچي کير سان يا پاڻيءَ سان کائجي ته، جريان جي تڪليف ختم ٿي ويندي.

(۱۷) سوزاڪ:

ٻٻر جا پن ۽ ڪارا مرچ پنج داڻا، ٿاڌل وانگر گهوٽي، کنڊ يا مصري ملائي پئجي ته فائدو ٿيندو. ٻٻر جو کونئر سچي گيھ ۾ تري، ڪٽي، مصري ملائي رکجي ته، جيڪو هر قسم جي مردانه مرض لاءِ اڪسير آهي.

(۱۸) زنانه مرض (سفيد پاڻي):

ٻٻر جو کونئر هڪ تولو ڏهن تولن پاڻي ۾ رات جو پسائي رکجي، صبح جو ماکي ملائي پي ڇڏجي ته زنانه مرضن لاءِ اڪسير آهي.

حوالا

(۱) سنڌ گزيٽيئر- ڊاڪٽر ايڇ-ٽي سورلي.

(۲) اي فزيڪل اينڊ اڪانامڪ جاگرافي آف سنڌ - پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا

(۳) فرهنگ جعفري- حڪيم ميان محمد حسن حيدرآبادي

(۴) تندرستي رهبر الهاس نگر انڊيا- ڊاڪٽر نيوندرام نيچروپٿ

(۵) سير ڪوهستان- الھ بچايو يار محمد سمون

(۶) آسان علاج- حڪيم شمس الدين.

ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۱، شمارو ۱۰، شعبان ۱۴۰۷ھ/ اپريل ۱۹۸۷ع


No comments:

Post a Comment