Tuesday, December 31, 2013

جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون - طارق عزيز شيخ

جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهيون
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه اهڙا علائقا، جڳهيون ۽ گذرگاهون آهن جيڪي هن وقت ته عام لڳن ٿيون پر تاريخي طور انهن جي اهميت تمام وڏي آهي. اهو سڄي دنيا ۾ حڪومتن ۽ انتظاميه جو فرض هوندو آهي ته اهڙن تاريخي ماڳن مڪانن ۽ گذرگاهن کي پنهنجي تاريخي حيثيت مطابق اهميت ڏين ته جيئن انهن جي تاريخي  ڄاڻ منتقل ٿيندي رهي ۽ ان سان گڏوگڏ سار سنڀال به ٿيندي رهي. سڀ کان وڌيڪ برطانيه، اٽلي ۽ روس ۾ تاريخي جڳهين کي قائم رهڻ ڏنو ويو آهي. هڪ سروي موجب فقط برطانيه ۾ ۵۰۰ اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي ميوزيم، لائبريرين ۽ عمارتن جي شڪل ۾ ملن ٿا، ان ۾ سنڌ جون تاريخي شيون به شامل آهن، سنڌ ۾ به پنهنجي تاريخ جي اهڃاڻن کي سنڀالي سگهجي ٿو پر ڪجهه تاريخي جڳهين کان سواءِ لاتعداد جڳهيون نظرن ۽ بچاءُ کان وانجهيل آهن. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، شڪارپور ۽ سکر جهڙن شهرن ۾ به اسان کي هن وقت عام لڳندڙ علائقا، عمارتون ۽ گذرگاهون اهڙا نظر ايندا جيڪي غير معمولي اهميت وارا آهن. اڃا به وقت آهي، هاڻوڪي حڪومت انهن کي بچائي سگهي ٿي. سياحت جي حوالي سان انهن تاريخي ماڳن کي اهڙو بڻائي سگهجي ٿو جيئن زيارت ۾ جناح صاحب جي رهائش کي رکيو ويو هو. اسان وٽ تاريخي حوالي سان نهايت يادگار مواد پڻ موجود آهي جيڪو انهن هنڌن تي لڳائي سگهجي ٿو. مورڙي جي قبر کان وٺي حيدرآباد جي پڪي ۽ ڪچي قلعي کي تاريخي اهميت ڏئي محفوظ ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه ماڳ مڪان هيٺ ڏجن ٿا.


آرام باغ
ڪراچيءَ جي مرڪزي رستي بندروڊ تي قائم ريڊيو پاڪستان جي عمارت کان اڳتي سول اسپتال ويجهو آرام باغ جو علائقو موجود آهي. تاريخي پس منظر ۾ وڃبو ته پتو پوندو آرام باغ جو اصل نالو ”رام باغ“ آهي. هندن جي ڌرمي ڪتابن موجب سندن ڀڳوان شري رامچندر هن جڳهه تي آيو هو، جنهن ڪري هن جو نالو رام باغ رکيو ويو. حضرت عيسيٰ جي زماني ۾ جڏهن سنڌ مان هنگلاج ويندي سفر دوران شري رامچندر رات پوڻ تي انهيءَ باغ يا جڳهه تي سڄي رات پوڄا ۾ گذاري، وري پرهه ڦٽيءَ جو سفر شروع ڪري ڏنو هو، انهيءَ ڪري احترام ۾ هندن هن جڳهه کي رام باغ جو نالو ڏنو پر پاڪستان ٺهڻ بعد هن جو نالو رام مان ڦيرائي ”آرام باغ“ بڻايو ويو. هندو ڌرم سان تعلق رکندڙن وٽ هن تاريخي باغ جي وڏي اهميت آهي. رام باغ اڳي ڏهن ايڪڙن تي پکڙيل هو. هن جي چوڌاري مندر، کوهه، تلاءَ ۽ بازار هوندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ به هيءُ علائقو تمام خوبصورت هوندو هو. انگريزن هن باغ جي هڪ حصي کي پنهنجي وڏي عملدار ڊاڪٽر برنس حوالي ڪري ڇڏيو هو. هن وقت اهو ٽڪرو برنس روڊ جي نالي سان منسوب آهي. ڊاڪٽر برنس ۱۹۲۸ڳ ۾ مير مراد علي خان جو علاج ڪيو هو.
آفندي باغ
حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا لڳ حسن علي آفندي جو باغ هو جيڪو اڄ آفندي ٽائون جي نالي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هيءُ باغ سنڌ مدرسي  جي باني حسن علي آفنديءَ جي رهائش گاهه پڻ هو جتي قسمن قسمن جي ميون جا باغ ۽ ڀاڄين جي پوک هوندي هئي. آفندي صاحب هيءُ باغ انگريزن جي عملدار ڪرنل تروٽ کان خريد ڪيو هو. سندس وفات کان پوءِ باغ بدحاليءَ جي صورت ۾ ايندو ويو. آفندي خاندان ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ هن ايراضيءَ کي پلاٽن ۾ وڪرو ڪيو ۽ ”آفندي ٽائون“ جي نالي سان آباد ٿيندو ويو. ماضيءَ ۾ کجين جي وڻن سان چوڌاري خوبصورتي جو ڏيکاءُ ڏيندڙ هيءُ باغ اڄ شهر جي ڳتيل آباديءَ وارو وڏو علائقو بڻجي ويو آهي ۽ حسن علي آفندي جي نالي کان سواءِ ڪا به بچيل نشاني ناهي.
ريڙهي مياڻ
ڪراچيءَ ۾ ڪورنگي ويجهو صديق خاصخيلي ڳوٺ سان لڳ ابراهيم حيدريءَ کان ٽي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ريڙهي مياڻ جو علائقو آهي. هتي وڏا دڪان آهن جتي مڇيءَ جو وڏو شڪار گڏ ٿيندو آهي.
تاريخ جي حوالي سان معلوم ٿئي ٿو ته ريڙهي مياڻ سنڌو درياهه جو پهريون ڇوڙ آهي جتي درياهه سمنڊ ۾ اچي ملندو هو بعد ۾ درياهه پنهنجو رستو بدلائيندو اڳتي وڌندو ويو. چيو وڃي ٿو ته ريڙهي مياڻ کي انهي ڪري ريڙهي چيو ويو جو هن جا ڪنارا ”ر“ وانگر آهن. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو ته محمد بن قاسم جو لشڪر هتان ٿيندو ڀنڀور پهتو هو.
ريڙهي مياڻ ۾ مڇيءَ جو ڪاروبار نهايت وڏي پئماني ٿئي ٿو. هيءُ ڪاروبار صدين کان وٺي هتي ٿيندو آيو آهي ۽ مورڙي ميربحر جو خاندان هتي آباد هو. هڪ روايت موجب ۴۰۰ سال اڳ پنجن ڀائرن موسيٰ، وروءُ، قاسو، سيارو ۽ پنجو هتي هندا هئا بعد ۾ انهن جي اولاد به اهو ئي ڪم سنڀاليو. هي ڀائر ذات جا وانگورا هئا. اڄ هتي موساڻي، ورياڻي، قاسماڻي، سياراڻي ۽ پنجواڻي انهن جي پويان سڏجن ٿا.
ريڙهي مياڻ جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هتي تمر جا ٻوٽا ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هڪ عالمي اين جي او ان ڏس ۾ هتي ڪم پڻ ڪري رهي آهي. هن وقت ملڪ جي وڏن مڇيءَ جي ڪاروباري مرڪزن ۾ ريڙهي مياڻ به ڳڻيو وڃي ٿو جتان ملڪ کان سواءِ آبي شڪار خاص طور جهينگا ۽کيکڙا پرڏيهه وڃن ٿا. سنگاپور، ٿائيلينڊ ۽ فلپائين ۾ اهي وڏي انگ وڪرو ٿين ٿا جڏهن ته تمر جي ٻوٽن تي به جديد تحقيق ٿي رهي آهي.
شاهي بازار
حيدرآباد جي قديم ترين بازار آهي. شاهي بازار کي ايشيا جي سڀ کان ڊگهي بازار هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. هيءَ بلڪل سڌي بازار آهي جيڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. پڪي قلعي جي مرڪزي دروازي، جنهن کي ”شاهي دروازو“ چيو ويندو هو انهي جي بلڪل سامهون هي بازار ۱۷ صديءَ جي شروع ۾ قائم ٿي. مٿس ”شاهي بازار“ نالو ”شاهي دروازي“ جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو. غلام شاهه ڪلهوڙي بازار ۾ واپارين خاص ڪري گلن وارا، حلوائي، ڪپڙي وارا ۽ گهوڙن کي سنوارڻ سجائڻ جا ساز سامان وڪڻڻ وارا هٽ کولرايا.
ٽالپرن جي دور ۾ شاهي بازار جو اوج وڌي ويو. ٽالپرن جي زماني ۾ حيدرآباد ۾ ڪاروباري مرڪز هيءَ هنڌ ئي هو. جيئن جيئن دڪان وڌندا ويا بازار ڊگهي ٿيندي وئي ۽ شهر جي ٻي ڪنڊ تائين وڃي ڇيڙو ڪيائين. بعد ۾ هن بازار سان ننڍيون ننڍيون ٻيون بازارون گهٽين ۾ ٺهي ويون ۽ شاهي بازار پڪي قلعي کان نولراءِ مارڪيٽ، فقير جو پڙ، کاهي روڊ، ريشم گلي ۽ چوٽڪي گهٽيءَ تائين پکڙجي وئي.
هندو جيم خانو
ڪراچيءَ ۾ ميڪلوروڊ تي هندو جيم خانو موجود آهي. هن وقت سندس اصلوڪي عمارت ۾ ٿوري گهڻي مرمت ڪري تبديل ڪيو ويو آهي. هندو جيم خانو ۱۹۲۵ع ۾ انگريزن جي راڄ ۾ جڙي راس ٿيو. هي عمارت ان زماني جي نامياري آرڪيٽيڪچر آغا احمد حسين ڊزائين ڪئي هئي. انهي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ انهيءَ طرز جون فقط عمارتون تعمير ڪيون ويون هيون هڪڙي هندو جيم خانو ۽ ٻي مهتا پيلس جنهن کي ماهوٽا پيلس به چون ٿا جيڪا ۱۹۳۵ع ۾ تعمير ٿي.
هندو جيم خاني جي اڏاوت لاءِ سامان راجستان سان گهرايو ويو، انهي ڪري هن عمارت جي رنگت به هتي وارين عمارتن کان تبديل آهي. ڀتين کي سهڻو بنائڻ لاءِ پٿر بيجاپور جو استعمال ڪيو ويو جنهن ڪري ديوارون ٻه فوٽ ٿلهيون ٿي ويون. ڇتين لاءِ فتح پور مان ڊزائين وارا سانچا آندا ويا. ٿنين ۽ محرابن لاءِ به تيار ٿيل پلر راجستان مان خريد ڪيا ويا.
آرڪيالاجي ماهرن جو چوڻ آهي ته هندو جيم خانو مغليه فن تعمير جو نمونو آهي. انهي زماني ۾ امير امراءَ پنهنجا محل ۽ عاليشان ماڙيون انهيءَ طرز جون تعمير ڪرائيندا هئا. اهو ئي دور عمارت سازيءَ جي تاريخ جو شاندار دور سڏيو وڃي ٿو. مغلن جيڪا عمارت سازي واري روايت وڌي هئي اهو سلسلو سندن وڃڻ کان پوءِ به ڊگهي وقت تائين هلندو رهيو. هندو جيم خاني وارو دور هو ته انگريزن جو پر انهي زماني ۾ عمارت سازي مغلن واري پسند ڪئي ويندي هئي. هندو جيم خاني لاءِ چيو ويندو هو ته ”هيءَ جديد زماني ۾ قديم روايت جو انمول تحفو آهي.“ هندو جيم خانو انگريزن جي دور جي وڏي واپاري سيٺ رام گوپال گورڌنڌ مهتا جوڙايو. سيٺ رام گوپال ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي عمارتون جوڙايون جن ۾ ڪميونٽي سينٽر، تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ پوڄا گهر شامل آهن. ”ماهوٽا پيلس“ جيڪو اصل ۾ مهتا پيلس آهي اهو به سيٺ رام گوپال تعمير ڪرايو هو.
هندو جيم خانو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هندو برادريءَ جي مٿئين درجي وارين برادرين لاءِ بڻايو ويو هو جتي هو پنهنجا ڪاڄ، ڌرمي ڏڻ، روايتي تقريبون ۽ ڪاروباري معاملا حل ڪندا هئا. اهو سلسلو ۱۹۴۷ع تائين ائين ئي هلندو رهيو پر بعد ۾ عمارت کي بند ڪيو ويو ۽ هوءَ ڀڙڀانگ ٿي وئي. ڊگهي عرصي بعد ثقافت کاتي هندو جيم خاني کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ثقافتي سرگرميون هن خوبصورت عمارت ۾ منعقد ٿيڻ لڳي ويون.
۲۰۰۵ع کان پوءِ هندو جيم خاني کي تڏهوڪي صدر جنرل پرويز مشرف جي سفارش تي ناپا جي حوالي ڪيو ويو جنهن جي رد عمل ۾ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي حلقن ۾ ڏاڍي مذمت ٿي پر عمارت کي واپس نه ڪيو ويو. هندو جيم خاني جي قديم ۽ سهڻي عمارت کي اندران ٺاهه ٺوهه ڪري پنهنجي مرضيءَ سان اسٽوڊيوز تيار ڪيا ويا آهن. پراڻيون چٽساليءَ  واريون ڪجهه ديوارون به خراب ڪيون ويون. ۲۰۰۹ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ بعد ثقافت جي وزير سسئي پليجو هندو جيم خاني جو قبضو ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو ۽ هندو جيم خانو اڃا تائين ناپا جي هٿ ۾ آهي.
سون مياڻي
ڪراچيءَ کان پنجاهه ڪلو ميٽر اتر اولهه طرف سون مياڻيءَ جو سامونڊي علائقو واقع آهي. هتي قديم زماني کان بندرگاهه موجود آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هي  نهايت اهميت واري هوندي هئي. ۱۸۰۵ع ۾ پورچوگيزن هن بندرگاهه کي لٽيو ڦريو ۽ آخر ۾ باهه لڳائي فرار ٿي ويا هئا. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو تڏهن سون مياڻي جي بندرگاهه تي سندن فوجي جهازن جي لنگر انداز ٿيڻ جو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو. ترڪي ۽ سڄي عربستان جي رياستن جو سنڌ سان ڏيتي ليتي وارو رستو پڻ هن بندرگاهه ذريعي رهيو. گهوڙن ۽ ڍورن جا اعليٰ نسل هن بندرگاهه جي ڀرپاسي ۾ پاليا ويندا هئا. عربن جي اٺن جا واڙا به هتي ئي قائم هئا. سون مياڻي هن وقت بلوچستان جي لسٻيلي جي علائقي ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جڏهن ته هيءَ سنڌ جي ڀاڱي جو علائقو هو جيڪو انگريزن سنڌ کان ڌار ڪري بلوچستان ۾ آندو. سون مياڻيءَ لاءِ مشهور هو ته هن ماڳ تان سون جون کاڻيون يا ذخيرا مليا هئا. موجوده دور ۾ سون مياڻي سياحت جو اهم مرڪز هئڻ کان علاوهه مڇي جي وڏي ڪاروبار لاءِ مشهور آهي. هتان ڪيل آبي شڪار پرڏيهه وڪرو ٿيندو آهي جنهن ۾ جهينگا، گانگٽ، وڏيون سامونڊي مڇيون، کيکڙا، گوج مڇي، شارڪ، سونهري مڇي ۽ جيلي فش شامل آهن. هتي سپارڪو فلڪياتي اداري پاران هڪ اسٽيشن قائم آهي جتي مختلف طرز جي راڪيٽ لانچرن جي (سمبل) تيار ڪرڻ جو ورڪشاپ موجود آهي. هتي ئي مختلف سائنسي تجربا ڪيا ويندا آهن.
سُونگل
سُونگل ڪراچيءَ جو قديم آباديءَ وارو علائقو آهي جيڪو گڏاپ ۾ اچي ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾  موکي ۽ متارا واري لوڪ قصي ۾ موکيءَ سان سونگل جو واسطو هو. موکي جنهن جي هٽ تان متارا شراب پيئڻ ايندا هئا، انهيءَ موکيءَ جون ٻه ڌيئرون هيون. هڪ صفوران ۽ ٻي سونگل. ٻنهي ڇوڪرين کي شاديءَ کان پوءِ جتي رهڻو پيو انهن علائقن جا نالا به سندن نالن پويان پئجي ويا. صفوران جو علائقو ملير ڪينٽ وٽ آهي جڏهن ته ديهه سونگل سپر هاءِ وي تي نيو سبزي منڊي جي پويان آهي. هي ٻئي علائقا صدين کان آباد آهن جتي سنڌين ۽ بلوچن جون آباديون رهن ٿيون.
سن ساوڙي
سنڌ جو جهونو ڳوٺ سن ساوڙي موري کان ۲۵ ڪلو ميٽر اوڀر طرف آهي. ڪن تاريخي روايتن ۾ راجا ڏاهر جو تعلق سن ساوڙي سان ڄاڻايو ويو آهي. هتي انتهائي قديم دڙو پڻ آهي جنهن لاءِ گمان ڏيکاريو ويو آهي ته اهو ماڳ راجا ڏاهر جي بيٺڪ هوندي هئي. سن ساوڙي جي انهي ماڳ کي ”واريءَ جو دڙو“ سڏيو وڃي ٿو. افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته هن قديم ترين ماڳ تي ڪا به تحقيق نه ٿي سگهي آهي. هن جهوني ڳوٺ جو ٻيو وڏو حوالو سنڌي ٻوليءَ جو موجد، جنهن عربي رسم الخط ۾ الفابيٽ جي سنڌيءَ ۾ جوڙجڪ ڪئي، مولوي ابوالحسن ڏاهري آهي. سن ساوڙي مولوي ابوالحسن جو اباڻو ڳوٺ آهي. هتي ئي سندس مزار آهي. تاريخ ۾ آهي ته هن ئي ڳوٺ مان سنڌوءَ جو طاقتور وهڪرو لنگهندو هو پر وقت گذرڻ سان گڏ درياهه به پنهنجو پاسو بدلائي ويو. سن ساوڙيءَ جي ڀرپاسي ۾ پڻ صديون پراڻا آثار مليا آهن جن کي سرڪار محفوظ ڪرڻ لاءِ چوديواري ڏئي ماهرن کان تحقيق ڪرائي پئي. سن ساوڙي ۾ زراعت ۽ چوپائي مال تي عام ماڻهوءَ جو گذران آهي. هتي تاريخي قبرستان پڻ آهي جنهن لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته عربن جي دور کان وٺي موجود آهي.
سرواهي قلعو
هيءُ راجا ڏاهر جي راڄ ۾ مضبوط قلعو سمجهيو ويندو هو. هاڻوڪي صادق آباد جي علائقي ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سنجرپور ۾ هي قلعو سوراهي جي نالي سان سڏجي ٿو. قلعي جي قدامت راجا ڏاهر جي زماني کان به قديم آهي پر ڄاڻ اهائي ٿي ڏني وڃي ته راجا ڏاهر جي اٺن يا نون وڏن قلعن مان هڪ آهي. محمد بن قاسم جي حملي کان پوءِ هن قلعي کي اسلامي رياست جو اهم مرڪز قرار ڏنو ويو. عربن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي راڄ ۾ ڄام سڪندر انڙ هتي هڪڙو کوهه کوٽايو هو جيڪو پڻ وڏي عرصي تائين قائم هو پر پوءِ ان کي ڀرائي ختم ڪيو ويو. سڪندر نالي هتي ٻن حڪمرانن راڄ ڪيو. هڪڙي قديم پڪي سر پڻ هتان هٿ آئي آهي جنهن تي لکيل آهي:
سلان سر بند ٿيا، ڦڳيا نام نصير،
کوهه کڻايا پٽ گامڻ دي، انڙ نام همير،
وقت سڪندر بادشاهه، ملڪ ڌڻي پهلوان،
رعيت رضي ايهه جهي، جو ٻڍانت جوان،
هڪ لک سلان لڳ چڪيان، ٿيا کوهه تمام،
تراءِ سئو ٻوٽي باغ دي، راڌي انڙ ڄام.


No comments:

Post a Comment