Sunday, October 5, 2014

ڪورٽ ڪچهريون - محمد قاسم ميرجت

ڪورٽ ڪچهريون
محمد قاسم ميرجت
جنهن ماڻهو به لفظ ”ڪورٽ“ جو ترجمو ”ڪچهري“ ڪيو، ان ترجمي جو ڄڻ ته حق ادا ڪيو، ڪورٽ جو نالو وٺڻ سان ڪيتريون منجهائيندڙ، پريشان ڪندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڳالهيون ذهن تي تري اچن ٿيون، جيڪا به هڪ حقيقت آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ڪورٽ لفظ جو اشتقاق هن نموني ڪيو ويندو آهي ته (ڪ- ڪوڙ)، (و- وڪيل)، (ر- رولڙو) ۽ (ٽ- ٽڪا). انهن کانسواءِ وڪيلن جي لاءِ عدالت ۾ اثر رسوخ هجڻ، سفارشي، مٽي مائٽي وارو، ناليوارو ۽ ليڊر وڪيل، ”نئون وڪيل“ يا ”رڳو قانون پڙهندڙ وڪيل“ ۽ وڏي ڳالهه ته ”انصاف جو وڪرو“ ڪندڙ وڪيل جهڙا لقب القاب اُهي سڀ  سچايون ۽ وڪيلن جا اونداها پاسا به آهن جنهن ۾ ڪو به شڪ نه آهي پر ان ۾ ايماندار به آهن، انهن جو ڪم متاثر ماڻهن کي جلد حق ڏيارڻ به آهي، بي ڏوهين جي ضمانت ۽ آزادي به آهي، ڏاڍي کي ڊپ به آهي ته لوفر جي اڳيان ڪا ڍال به آهي.


انهن سمورن ڳالهين کان هٽي ڪري اڄ ڪورٽ ۾ ڪچهريون به ٿين ٿيون، جيڪي وڪيل پاڻ ۾ يا جيڪي جج پاڻ ۾ ڪچهريون ڪن ٿا يا ججن ۽ وڪيلن جون ججن جي چئمبر يا ڪورٽن ۾ ڪچهرين کان سواءِ هلندڙ ڪيس دوران ججن وڪيلن، شاهدن، جوابدارن ۽ فريادين سان ڪچهريون به ٿين ٿيون، انهن جو پنهنجو هڪ الڳ انداز آهي، انهن جو ڪو وقت مقرر نه آهي، سوچيو اٿم ڪجهه ڪچهريون جي ذهن تان اڃان نه لٿيون آهن، انهن ڪچهرين ۾ اوهان کي به شريڪ ڪجي.

*****

ٽنڊوالهيار جي سول ڪورٽ هئي ۽ رمضان جو مهينو هو. هڪ D -13 جو ڪيس رکيل هو، اي ايس آءِ جمالي شاهدي ڏيڻ لاءِ (قرآن شريف جي رحل هيٺان) شاهدي واري ڪٽهڙي ۾ شاهدي ڏيئڻ لاءِ اچي بيٺو ته جج قسم کڻائڻ کان اڳ جمالي کان پڇيو: ”جمالي ڏي خبر؟ ڪيس سچو يا ڪوڙو؟“، چيائين، ”سائين نپٽ ڪوڙو“، ”ته پوءِ شاهدي ڪهڙي ڏيندين؟“ چيائين، ”شاهدي جيڪا ڪاغذن ۾ آهي، جيئن لکيل آهي. پوءِ ڪلمو پڙهي، سموري شاهدي جنهن ۾ ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪري، حڪمت عملي سان گهيرو ڪري، جوابدار کي جهلي ورتو، سندس جسماني تلاشي ڪندي، شلوار جي ساڄي ور مان، ڪارتوسي پستول ۽ کيسي مان 2 ڪارتوس ۽ پنجين روپئي جو نوٽ هٿ ڪري، هٿ-بتي (ٽارچ جي) روشنيءَ تي مشيرنامو تيار ڪيوسين. ٻه مشير، جيڪي ڀر واري هوٽل تي سُتا پيا هئا، انهن کان مشيرنامن تي صحيحون ورتيون.
وڪيل ڏاڍي آڏي پڇا ڪئي پر کيس ڪا گهڻي سرسي ڪا نه ملي. وڪيل بيزار ٿي چيو؛ ”جمالي توهين جج صاحب جي روبرو مڃيو ته ڪيس ڪوڙو آهي.“ جمالي به اهڙو آڙيڪاپ پوليس وارو هئو، تنهن چيو ته ”جي جج صاحب مون واري جاءِ تي بيهي، ڪلمو پڙهي چوي ته ڀلي جوابدار کي ڇڏي ڏيو. نه ته لکت ۾ ڏيکاريو.“ جج صاحب، جوابدار کي شڪ جو فائدو ڏيئي آزاد ڪيو. باقي پوليس واري جي شاهدي موجب جوابدار قابو هو.

* * * * *

هڪ ڏينهن جمال ابڙو صاحب سان رهاڻ پئي ٿي. ويٺي ويٺي ڪنهن دوست سندس وڏي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته؛ ”سائين اوهان وڏا انصاف پسند جج رهيا آهيو.“ جمال ابڙو صاحب وراڻيو ته؛ ”نه ادا آئون ڪيئن ٿو انصاف ڪري سگهان، مثال ڏيندي ٻڌايائين ته، ڪيترا ڀيرا مسڪين ماڻهو جيڪي ڪنهن جا هاري هوندا ۽ حساب گهريو هوندائون يا سندس سهڻي زال زميندار کي وڻي وئي هوندي زميندار پوليس سان ملي ڪري 109،107،110 ۾ اڙائي ڇڏيا، ٻه شاهد ڪلمو پڙهيو ڳالهه پيا ڪن... رسو، ميڻ بتي ۽ ماچيس هٿ آيا، مٿان پوليس وارو قران شريف تي بيان ڏيئي وڃي ته جمال ان کي جيل موڪلڻ جو پابند هو، ان بي ڏوهي سان جمال ڪهڙو انصاف ڪري ٿي سگهيو ؟

* * * * *

هن سماج ۾ مسڪين ماڻهو لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ سولو نه آهي!!. ٽنڊو الهيار ۾ هڪ راشي جج ۽ مٿان وري چيڙاڪ، جيڪو سامهون اچي ان جي بيعزتي ڪندي دير ئي نه ڪري. ان ڪري ماڻهو پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ به کيس پئسا ڏيئي بي عزتيون ٿيئڻ کان پاڻ بچائيندا هئا.
”ٽنڊوسومرو“ ڳوٺ جيڪو علم ۽ هنر جي ڪري ملڪان ملڪ مشهور آهي، جنهن جا ماڻهو سموري تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ پهريان M.B.B.S ڊاڪٽر، وڪيل ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل، انجنيئر، آفيسر ۽ زميندار بڻيا. انهن مان چند چڱن ماڻهن تي ڪنهن ماڻهو ڪو سڌو فرياد داخل ڪري ڇڏيو، ڇهه ست همراهه جڏهن ڪورٽ ۾ اچن ته جج صاحب انهن کي اول دٻائي ته هي ڪورٽ سڳوري آهي، اوهان وڏيرن جي اوطاق ڪانهي جوتن سوڌا اندر ٿا هليا اچو، جوتا لاهي پوءِ اندر اچو، وري جي اتفاق سان ڪنهن جي قميص جو بٽڻ کليل آهي ته ان کي جدا دڙڪا ڏئي، خير جيئن تيئن ڪري نظاماڻي زميندار پنهنجي جان ڇڏائي ويا.
ساڳي جج صاحب جي سامهون هڪ بدنام لوفر گرفتار ٿي آيو. جج صاحب جا ساڳيا داٻا ۽ دهمان ۽ دڙڪا ته تو کي ٽيپ ڏيئي ڇڏيندس، جوابدار اسان جي پويان ۽ جج صاحب جي سامهون بيٺل هئو، اوچتو اوچتو جج صاحب اول خاموش ٿي ويو. پوءِ بنا پٽيوالي سڏائڻ جي، ڪرسي ڇڏي، چيمبر ۾ پُڄي ويو. اسان ڪنڌ ورائي جوابدار کان پڇيو ته اڙي نڀاڳيا ڇا ڪيئي؟ جو جج صاحب ڀڄي ويو. جوابدار چيو وڪيل صاحب! هر تاريخ تي جج جي ٽر... ٽر پئي پوي ۽ مائٽن کي نياپا به پيو موڪلي ته پئسا ڏيو. مون چيو ٽيپَ ته ٽيپَ قبول، پر هڪ پئسو به ڪو نه ڏيندس. جڏهن جج صاحب تمام گهڻي جهاجهه ۾ وڃي پيو ته مون رڳو پنهنجو اڳٺُ کولي ڇڏيو ۽ جج صاحب ڀڄي ويو، اڄ به سنڌ ۾ اشراف پڳ بچائڻ ۾ پورو آهي ۽ لوفر سڀ ڪجهه بڻيا ويٺا آهن، وڏو ڌاڙيل، رهزن ۽ قاتل وڏو سياسي ۽ وڏي عهدي تي فائز ٿي سگهي ٿو.

* * * * *

ٽنڊوالهيار ۾ پٺاڻ عملدار هڪ سينيئر سول جج  ٿي ويو ۽ ٻيو پٺاڻ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ (ايس ڊي ايم) ٿي آيو. ٻئي تمام دلير، بردبار، ايماندار ۽ انصاف پسند ماڻهو هُئا، غريب مسڪين ماڻهو کي اطمينان هوندو هو ته بي انصافي نه ٿيندي.
هڪ ڏينهن سينئر سول جج جي چئمبر ۾ ويٺو هوس، جيڪو سنڌي به ڏاڍي سٺي ڳالهائيندو آهي ته پٽيوالي اچي ٻڌايو ته سائين هڪ ماڻهو انبن جي پيتي کڻي آيو آهي اوهان سان ملڻ چاهي ٿو، جج صاحب چيو بابا موڪليس. ماڻهو انبن جي پيتي سوڌو جج صاحب جي چيمبر ۾ اچي ويو. جج صاحب هن کان حال احوال پڇيا. چانهه گهرائي کيس پياريائين ۽ کيس روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن اُهو ماڻهو هليو ويو ته پٽيوالي کي گهرائي کيس چيائين ته هي پيتي کڻي وڃي ڪلارڪن کي ڏي ۽ پاڻ ۾ وڃي ورهائي کڻو.
مون اهو سڄو لقاءُ ويٺي ڏٺو. مون کان رهيو نه ٿيو. مون کائنس پڇو ته سائين اوهان انب به ورتا ان کي ويهاري چانهه به پياري ۽ وري انب ڪلارڪن کي ڏيئي ڇڏيا. جج صاحب جيڪو جواب ڏنو ان مونکي حيران ڪري ڇڏيو، چيائين ميرجت هڪ ماڻهو هيڏي ڳري انبن جي پيتي الائي ڪٿان کان کڻي آيو، آئون کيس بيعزتو ڪري پنهنجي ايمانداري جو ڏيکاءُ ڪريان ۽ هن جي دل کي آزاريان. جڏهن ته هن ويچاري جو جيڪڏهن ڪو ڪم به هوندو ۽ ٿيڻ جهڙو نه هوندو ته نه ٿيندو. ان کي ويهاري چانهه پيئارڻ سان منهنجي عزت ۾ ڪو به فرق نه پيو، رهيو ڪلارڪن کي انب ڏيڻ، اهو ان ڪري ته مون پنهنجي سر ايمانداري جو قسم کنيو آهي، منهنجي ٻارن ته نه کنيو آهي. اڄ ٽنڊو الهيار ۾ آهيان. سڀاڻ سجاول بدلي ٿي وڃان جيڪڏهن ٻار مفت ۾ هيڏن وڏن ۽ مزيدار سندڙي انبن تي هري پيا ته آئندي به چوندا ته اسان کي ساڳيا انب کاراءِ، آئون سُڪي پگهار مان ڪٿان پوري ڪري سگهندس.

* * * * *

سب ڊويزنل مئجسٽريٽ وٽ امن امان، شريعت، نشي وغيره جا ڪيس هلندا هئا، 1983 ۾ هلندڙ ايم آر ڊي هلچل ۾ روز ڪارڪن گرفتار ٿيندا ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۾ قلم 188 ۾ چالان ٿيندا هئا، جنهن جي سزا 6 مهينا هُئي، اسان ضمانت جي درخواست ڏيئي ضمانتون پيا ڪرائيندا هئاسون. هڪ ڏينهن مئجسٽريٽ جي چيمبر ۾ ويٺا هئاسون، هو ضمانت جون درخواستون به چيمبر ۾ ٻڌندو هو ته آرمي جو ميجر به اچي ويٺو ۽ مئجسٽريٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته تڪڙيون ضمانتون نه ڏي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ماڻهن جو من وڌيو وڃي ۽ گرفتاري مذاق ٿي پئي آهي. مئجسٽريٽ جاويد وراڻيو ته قلم 188 ڇو ٿا هڻو، آرمي ايڪٽ جو ڪو قلم لڳايو، باقي مون کي پنهنجا اختيار هلائڻ اچن ٿا، تنهنجي مشوري جي مهرباني.
ايم آر ڊي جي جلوس تي پناهگيرن پٿراءَ ڪيو. ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿي پيا، مئجسٽريٽ ٻنهي ڌرين کي گهرايو ۽ پناهگيرن کي چيائين هنن جو ته حڪومت سان جهڳڙو آهي ان جا اسين عملدار ويٺا آهيون اوهان ڇو ٿا قانون هٿ ۾ کڻو، آئنده جي اوهان حرڪت ڪئي ته قانون اوهان لاءِ به آهي.

منهنجي وڏي نياڻي 1983 جي هلچل ۾ گرفتاري ڏني. سندس اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي پنجابي هُئي. امتحان ۾ ويهڻ نه ڏئي. مئجسٽريٽ کي چُغلي هنيائين ته هي ڇوڪري حڪومت جي خلاف هلچل ۾ حصو وٺي جيل وئي هئي. ان کان امتحان ڪيئن وٺان. کيس چيائين ته تنهنجو ڪم آهي اسڪول هلائڻ ۽ ايمانداري سان امتحان وٺڻ تنهنجو سياسي هلچل سان ڪهڙو واسطو؟

No comments:

Post a Comment