Monday, November 3, 2014

وڏيري انب خان جو پيش ڪيل سپاسنامون - فاطمه ڀرڳڙي

وڏيري انب خان جو پيش ڪيل سپاسنامون
فاطمه ڀرڳڙي
محترم سيد زاده
ڪُل مالڪ ڪوه ڪاف جو چمن
عزت ماب جناب محترم سيد صاحب
۽ ساڻس گڏ آيل ابتا سبتا مهمان.
آئون پنهنجي علائقي جي عوام طرفان اوهان کي ڀليڪار نٿو چئي سگهان جو اهو منهنجي دل ۾ فيڊ ٿيل ئي ڪونهي. شڪرگزار به نٿو ٿي سگهان جو اها فائل ڪرپٽ ٿي وئي آهي. اميد ته نئون دل انسٽال ڪري اهي ڪميون دور ڪيون وينديون. جناب اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان جيڪي گھڙيون اسان کي ڏنيون آهن، سي صحيح ڪو نه پيون هلن. ڪافين ۾ ته سيل ئي ڪونهن. اڳتي لا۽ خيال ڪيو وڃي.


محترم جناب
اسان جي علائقي جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تمام سٺي پئي وڃي. مهرباني ڪري بنا دير نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي جيئن انهيءَ سان ماڻهن جي زندگي جا ٻيا سلسلا به شروع ٿي سگھن. انهي سلسلي ۾ هڪ سهڻي صلاح اٿوَ ته روز ناشتي کان پوءِ هڪ نئين ضلعي ٺاهڻ جو اعلان ڪريو. انهيءَ سان نوڪريون نڪرنديون. نوڪرين جا اشهار اخبارن ۾ ڏنا وڃن. فارم جي قيمت پنج هزار رکي وڃي. بيروزگارن جي انهن پئسن مان هڪ نئون ضلعو آساني سان هلائي سگهجي ٿو. اهي پيسا قومي خزاني کي به طاقتور ڪندا. بيروزگار فارم ڀرائي ڀرائي قرضي ٿي ويندا، ۽ نيٺ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. پاڪستان جي آبادي ۾ هڪدم توازن اچي ويندو. بيروزگارن سان گڏ بيروزگاري به ختم ٿي ويندي.
جناب محترم !
اسان جي علائقي جو ٻيو وڏو مسئلو آهي؛ اسڪولي عمارتون. اهي بنهه ننڍيون ٺاهيون ويون آهن. جڏهين فصل سٺو ٿو ٿئي ته مسئلو ٿو ٿئي ته ڪٿي رکون. مهرباني ڪري هيلوڪيون عمارتون وڏيون ٺهرايون وڃن ته جيئن تعليم عام ٿئي. ٻيو عرض آهي ته علائقي جون نياڻيون جن وڻن هيٺان پڙهن ٿيون سي فوري وڍرايا وڃن. ٻي صورت ۾ سنڌي اخبارن ۾ ڌيان طلب جا اشتهار وڌي ويندا. آخر ۾ آئون مهمان گرامي ۽ ٻين مهمانن جو شڪرگذار نٿو ٿي سگهان، جو پاڻ اسان جي قرب واري ڪوٺ تي، پنهنجي گپ وارن پيرن سان شريڪ ٿيا. مهرباني

پاران: وڏيرو انب خان

1 comment:

  1. سهڻي تحرير مذاح جي انداز ۾ ...واه

    ReplyDelete