Monday, July 13, 2015

ڀاڻ جا خالي ڪٽا - مٺل جسڪاڻي

ڀاڻ جا خالي ڪٽا
سيڙپ، محنت ۽ مهارت ٿوري، ججهي بچت
مٺل جسڪاڻي
روزگار اڄ جو اهم مسئلو آهي! شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن ۾ ڪو بي روزگار نه هجي! اهڙي ماحول ۾، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ضرورتن ئي سائنسدان ۽ محقق پيدا ڪيا آهن. ضرورتن ئي ماڻهن کي ماڻهپي مان ڪڍيو آهي. اهڙي ماحول، اهڙين حالتن ۾، آئون ڪنهن سٺي روزگار جي تجويز ته نه پيو ڏئي سگهان. ”جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت مثل، جتي ذريعا نه هجن، جتي سيڙپ لاءِ رقم نه هجي، جتي هنر جي کوٽ هجي، اتي ڇا ڇا ممڪن آهي، انهن گهڻن پهلوئن تي به ڪا خاص معلومات مهيا ڪرڻ، هن وقت منهنجو موضوع نه آهي. ان هوندي به، منهنجي ڪوشش آهي ته پڙهندڙن کي بظاهر انتهائي غير اهم پر، پنهنجي جاءِ تي تمام ٿوري سيڙپ، ٿوري محنت، ٿورو هنر گهرندڙ اهڙي ڪاروبار ڏانهن ڌيان ڇڪايان. ان جا مختلف رخ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان، جنهن جي نتيجي ۾، جيڪڏهن ٿورو به عقل سوايو استعمال ڪيو ويندو، ته منهنجي خيال ۾ ججهي بچت متوقع آهي.

Friday, July 10, 2015

پر-وس پکي اوپرو - نصير سومرو



پر-وس پکي اوپرو
نصير سومرو
پکي اڏامڻ جو استعارو آهي، هڪڙا پکي آکيرن ۾ بسيرو ڪندا، ٻيا سفر ڪندا آهن. پکي، پکي آهن، مرغ پکي لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿو. گهڻي ڀاڱي مرغ ڪڪڙ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جڏهن ته ڪهڙي به پکي کي مرغ چئبو آهي. شتر مرغ (اٺ پکي) ڪڪڙ وانگر اڏامندو نه آهي. حياتيات جي شعبي ۾ انسان، جانور، پکي ۽ جيت جڻا ۽ آبي جيوت جو وسيع جهان اچي وڃي ٿو. آبهوا جي موافقت ۾ ئي پکي ۽ جانور پنهنجو وجود بچائي سگهندا آهن. هي جياپو آهي جياپي خاطر پکي سياري جي مند ۾ سائبيريا، منگوليا، يورپ ۽ ڄمون ڪشمير مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ايندا آهن. ناهموار حالتن ۾ جيئن پکي سنڌو ماٿري جي ميدانن ۽ آبي ذخيرن ۾ اچي بسيرو ڪندا آهن، تيئن اترين ۽ اولهندي جي پري پري علائقن مان پناهگير، مسافر، ڀڳوڙا صدين کان هت ايندا رهيا آهن، ماڻهن ۽ پکين ۾ لڏپلاڻ جي جبلت جو قدر هڪجهڙو آهي.

مَنَ گهُري مُشتاق سَان - آدرش

مَنَ گهُري مُشتاق سَان
آدرش
***
ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو فن مزاح لکڻ آهي. اهڙو مزاح جنهن ۾ انسان جا احساس اهڙي نموني سرجيل هجن، جنهن ۾ سچ هجي ۽ اهڙو مزاح هجي جو ماڻهو مرڪي پئي. ترڪيءَ جي چوڻيءَ وانگر ”ڀوڳ ۽ سچ ٻڌائي رهيو آهين.“
سنڌي ادب ۾ ”ڪروڙ پتي“ مزاحيه ادب لکندڙ اهو ليکڪ آهي، جنهن مزاح جو بنياد رکيو. علي احمد بروهي صاحب سٺو مزاحيه ادب لکيو. هو تقرير جو به بادشاھ هو ۽ پيو وندرائيندو هو. هن جو وڏو ڀوڳ هڪ غير سنڌي فاشسٽ تنظيم ۾ شموليت به هيو.
حليم بروهي صاحب جو مزاحيه ادب ۾ اوچو مقام آهي. شخصي حوالي سان به هو ارڏو ۽ سچو ماڻهو هو. امتياز ابڙو پڻ مزاح لکي پاڻ ۾ ملهايو، پر هن جي اسلوب تي اردو مزاحيه ليکڪ ڊاڪٽر يونس بٽ جو پاڇو آهي.
***