Sunday, September 11, 2016

پاٻوڙا پوشاڪ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پاٻوڙا پوشاڪ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
شاھ لطيف جو ھڪ مشھور بيت آھي؛
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
اڄ انھن جي اوطاق، راءِ ريجھي آيو.
پاٻوڙا پوشاڪ منجھان مراد ڇا آھي؟
ڪن ماڻھن ڇا، اڪثريت جو رايو آھي ته ان منجھان مراد پٻڻ جا پن پٽي، اگھڙ ڍڪڻ آھي.
جڏھن ته ان مان مراد، راقم جي نظر ۾، ھيٺينءَ طرح آھي.
پاٻوڙا مان مراد؛ پا-ٻوڙا يا پا-ٻوڙو آھي. جنھن ۾ پا جو مطلب پاءُ يا پير آھي. جيئن پا-پوش نگر، منجھان مراد پيرن ڍڪائڻ وارن جو ڳوٺ آھي يعني موچين جي بستي.
اھڙيءَ طرح وري، ٻوڙو؛ مان مراد ٻڙو يا ٻڏل آھي.
ھاڻي پاٻوڙا مان مراد ٿي اھي ماڻھو، جن جي پوشاڪ پيرن وٽ ٻڏل ھجي.
اڪثر ڏٺو ويو آھي ته پيرن وٽ پوشاڪ، ھيٺ ڄاڻايل ڪسب ڪرڻ وارن ماڻھن جي، ٻڏل ھوندي آھي؟
1.      سارين ۾ رونبو ڪندڙ؛ ھاري ناري.
2.      پاڻيءَ اندر بيھي ٿاڦي تي ڪپڙو سٽيندڙ؛ ڌوٻي يا کٽي.
3.      پاڻيءَ اندر بيھي ڏڦي سان مڇي ماريندڙ؛ ماڇي يا مھاڻا.
4.      جاين کي گاري سان اوساري ڪندڙ يا ليپي واسطي بھ جو گارو ڪندڙ؛ اوستا يا مزدور. وغيرھ
اھي ڏيھاڙي آڻين ۽ چاڙھين وارا غريب مارو ماڻھو آھن. جن واسطي ڀٽائيءَ ھڪڙو ئي محاورو استعمال ڪيو آھي.
باقي رھي ڳالھ پٻڻ جا پن پٽي پوشاڪ ڪرڻ جي، سا ته نه اڄ ۽ نه وري شاھ ڀٽائيءَ جي دور ۾ ئي ڪير پائيندو ھيو. تنھنڪري اھو تصور ئي اجايو ٿو نظر اچي. 

No comments:

Post a Comment